ديوان موتيهار

ديوان موتيهار: ديوان موتيهار هند سنڌ جو مشهور راڳي، نغمه نگار ۽ ستار نواز ٿي گذريو آهي. هن 22 فيبروري 1927ع تي پُراڻي سکر، سنڌ ۾ جنم ورتو. ڀارت مان بي. اي ۽ لنڊن مان CCS ڪيائين. 1957ع ۾ ڪلڪتي مان سندس سنڌي گيتن جا ٻه رڪارڊ رليز ڪيا ويا. بعد ۾ 1984ع ڌاري ’ڪبير ڀڄن‘ نالي سندس سنڌي ڪئسيٽ رليز ٿي. ان کان پوءِ سنڌي صوفي گيتن جون ڪئسيٽون ۽ سي. ڊيون جاري ٿينديون رهيون آهن. هن هڪ آمريڪي ناٽڪ ’Kindly Monkey‘ لاءِ موسيقي ترتيب ڏني، جنهن تي کيس سٺي مڃتا ملي. هن بي. بي. سي لنڊن تي پڻ ستار وڄائي. هن ڳائڻ ۽ ستار نوازيءَ تي ڪيترا انعام به حاصل ڪيا، جن ۾: (1) سنڌو رتن اوارڊ (سنڌي ايسوسيئيشن دهلي: 1965ع)، (2) 1998ع لاءِ نمايان حصه رسديءَ لاءِ سنڌي ساهت اڪيڊمي دهلي پاران اوارڊ وغيره شامل آهن. هي نيو دهليءَ ۾ رهائش پذير هو. سندس پٽ ڪان موتيهار به سٺو موسيقار آهي.


لفظ ديوان موتيهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو